پشاور – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فارن فنڊنگ ڪيس جي کل?? ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي ٽي وي تي سڌو سنئون ڏيکاريو وڃي، پارٽي سربراهن کي به ويهاري ڪيس ٻڌڻ گهرجي، ڪيترائي ملڪ مخ??لف ڌر پارٽين جي فنڊنگ ڪندا رهيا آهن پر لاڳاپن جي ڪري انهن ملڪن جا نالا نٿو وٺي سگهان. ڏکڻ وزيرستان وانا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس کڻڻ تي مخ??لف ڌر جو ٿورائتو آهيان، اهو سڀ سامهون اچڻ گهرجي ته تحريڪ انصاف ۽ مخ??لف ڌر پارٽين جي فنڊنگ ڪٿان کان ٿيندي رهي، ڪيترائي ملڪ مخ??لف ڌر پارٽين کي پئسا ڏيندا رهيا، انهن ملڪن سان لاڳاپن جي ڪري آئون نالا نٿو ٻڌائي سگهان، هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس جي کل?? ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي ٽي وي تي سڌو سنئون ڏيکاريو وڃي، پارٽي سربراهن کي به ويهاري ڪيس ٻڌڻ گهرجي، ان ڪيس سان سڄي قوم کي خبر پوندي ته ڪنهن هن ملڪ ۾ ٺيڪ طريقي سان پئسو گڏ ڪيو.