اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 30 جنو??ي تي جنيوا ۾ گڏيل قومن جي انساني ??قن واري ڪائونسل ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ دوران ٻڌائي. هن چيو ته مملڪتي وزير انساني ??قن واري ڪائونسل ۾ يونيورسل پيرياڊڪ ريويو جي عمل تحت پاڪستان جي قومي ترقي جي رپورٽ پيش ڪندي. ا??و پاڪستان جو چوٿون جائزو هوندو، ان کان اڳ 2008ع، 2012ع ۽ 2017ع ۾ ان عمل تحت پاڪستان جو جائزو ورتو ويو آهي. ترجمان چيو ته مملڪتي وزير پنهنجي پريزينٽيشن ۾ پاڪستان پاران گذريل 5 سالن ۾ انساني ??قن جي تحفظ لا??ِ ڪيل قانوني، پاليسي، انتظامي ۽ اداراجاتي قدمن جو خاڪو پيش ڪندي. ان کانسواءِ هوءَ عالمي انساني ??قن جي حوالي سان پاڪستان جي اهم حصيداري کي به اجاگر ڪندي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته يونيورسل پيرياڊڪ ريويو 2007ع ۾ قائم ڪيو ويو جيڪو انساني ??قن واري ڪائونسل جو هڪ اهم طريقيڪار آهي جنهن تحت گڏيل قومن جي سڀني ميمبر ملڪن ??ي انساني ??قن جي رڪارڊ جو هر چئن کان پنجن سالن کانپوءِ جائزو ورتو وڃي ٿو.