اسلام آباد – 14 فيب??ور?? (اي پي پي) ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته پاڪستان جو ڏک اسان جو ڏک، پاڪستان جي خوشي اسان جي خوشي آهي، تر??ي ڪشمير مسئلي جي پرامن ۽ ڳالهين جي ذريعي حل جي موقف تي ق??ئم رهندو، ڪشمير مسئلي جو حل طاقت يا ڏاڍ جي پاليسين سان نه پر انصاف ۽ حقيقتن جي اصولن سان ممڪن آهي، پاڪستان سان ازل کان جاري اسان جا ڀائراڻا لاڳاپا قيامت تائين قائم رهندا، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان پاڪستان سان آئنده به تعاون جاري رکنداسين، سرحدون ۽ فاصلا مسلمانن جي دلين جي وچ ۾ ديوار نٿا بڻجي سگهن، سڄي دنيا جي مسلمانن جي ڏک درد ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ انهن تي ٿيندڙ ظلم جي خلاف انهن جو ساٿ ڏيڻ اسان سڀني جو فرض آهي، اسان جو ايمان آهي ته ظلم جو مقابلو نه ڪرڻ ظلم ڪرڻ جي برابر آهي، مسلمان امت دهشتگردي، جنگين، مذهب پرستي، مفلسي ۽ غربت جي بار هيٺيان دٻيل آهي، پاڪستان ترڪي ۽ خوشحالي جي س??ر طرف روان دوان آهي، اقتصادي ترقي جو عمل ڏينهن ۾ نٿو اچي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو ته مون پاڪستان جي عوام جي معزز نمائندن جي موجودگي ۾ پنهنجي س??ورن ڀينرن ۽ ڀائرن کي وڏي عزت ۽ احترام سان محبت جو سلام پيش ڪريان ٿو