ڪنڊيان/ اسلام آباد – 23 ف??بروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڻ پوکڻ نبي پاڪ صه جي سنت آهي، پاڪستان جي لاءِ وڻڪاري ڪيتري اهم آهي، نوجوانن ۽ اسان جي ٻار?? کي ان جو احساس نه آهي، پاڪستان ۾ ٻيل?? کي اکين سان تباهه ٿيندي ڏٺو، ڪنديان جي ٻيلن جو تحفظ مقامي ماڻهن جي ذميواري آهي، پنجاب جو وڏو وزير ٻي??ن تي قبضو ڪندڙ?? کي جيل ۾ وجهي. ڪنڊيان ۾ گرين پاڪستان مهم تحت بهار موسم جي وڻڪاري مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ آئون هتي هڪ خاص مقصد جي لاءِ آيو آهيان ڇو ته اسان جي ٻارن ۽ نوجوان?? کي ان ڳالهه جو احساس نه آهي ته پاڪستان جي لاءِ وڻڪاري ڪيتري اهميت رکي ٿي.