اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب واري خاص معاون شهزاد ??ڪبر چيو آهي ته مخالف ڌر پاران شگر ڪميشن رپورٽ رد ڪرڻ س??ن ان کي سنند ملي وئي آهي، اسان جي پارٽي مان جنهن به فائدو کنيو سڄو اڇو چٺو عوام آڏو رکي ڇڏيو، ايندڙ ڏينهن ۾ ڪارروائي تيز ٿيندي، گذريل 5 سالن ۾ 29 ارب رپين جي سب??ڊي ڏني وئي. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مخالف ڌر کي شايد شگر ڪميشن جي رپورٽ انگريزي ۾ هجڻ جي ڪري سمجهه ۾ نه آئي، گذريل 5 سالن ۾ کنڊ تي 29 ارب رپين کان وڌيڪ سب??ڊي ڏني وئي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ 26 ارب 60 ڪروڙ رپين جي سب??ڊي ڏني وئي.