اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عوام کي سستي ۽ پائيدار بجلي فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي، ماضي ۾ قابل تجديد توانائي ??ان ماٽيلي ماءُ جو سلوڪ ڪيو ويو، مهانگي بجلي، لوڊشيڊنگ ۽ گردشي قرض تمام وڏا م??ئل?? آهن، توانائي ??عبي جي گرفت ۾ پورو پاڪستان آهي، توانائي ??ي شعبي جي مسئلن تي ماضي ۾ ڌيان نه ڏنو ويو، مهانگي بجلي جو مسئلو حل نه ٿيو ته تمام گهڻا م??ئل?? جنم وٺندا، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي حڪومت اقتدار سنڀاليندي ئي ??نرجي سيڪٽر جي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جا??ع قدم شروع ڪيا، ان حوالي سان مختلف ٽاسڪ فورس قائم ڪيون ويون ۽ هڪ خودمختيار ڪميشن به جوڙيو ويو، رپورٽس جي روشني ۾ آءِ پي پيز سان مسئلي جي حل لاءِ اڳڀرائ?? ٿي ۽ گذريل ڏينهن بجلي جي شعبي جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون، گذريل دورن ۾ پاور پلانٽس ته لڳايا ويا پر بجلي جي ورڇ ۽ پهچ جي مسئلن تي ڌيان نه ڏنو ويو. آءِ پي پيز سان ايم او يو تي صحيح بجلي جي فراهمي طرف پهريون قدم آهي، مقامي سيڙپڪارن کي ايڪٽويٽي ڊالر بدران پاڪستاني روپئي ۾ ڏني ويندي جڏهن ته غير ملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ ڊالر ۾ ايڪٽويٽي جي سهولت دستياب هوندي پر منافع جي شرح ۾ گهٽتائي ??ندي ويندي، ڪيپسٽي پيمنٽس بدران صرف خريد ڪيل بجلي جي قيمت ادا ڪئي ويندي جنهن سان گردشي قرض جي مسئلي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس ک?? خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ساڻس وزيراعظم جو پاور بابت خاص مددگار شهزاد قاسم به موجود هو.