اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي ترجيح ڪاروباري سرگرمين جو فروغ ۽ انهن کي ممڪن حد تائين مراعتون ڏيڻ سان گڏوگڏ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ ڪاروبار ??ي لاءِ موافق فضا ميسر ڪرڻ آهي، ڪاروبار ??ان جڙيل نوجوانن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن هت?? مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڪامياب ڪاروباري شخصيتن جي وفد سان ڳالهائيندي ??يو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار ??بدالرزاق دائود، ناڻي وارو صلاحڪار ??بدالحفيظ شيخ، اداره جاتي سڌارن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خا?? مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف بخاري به شريڪ هو.