اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فر??ز چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف بابت قانونسازي لاءِ حڪ??مت لائحه عمل طئي ڪري ورتو آهي. پارليامينٽ جي ايندڙ سيشن ۾ قانونسازي جو عمل اڳتي وڌندو، ذاتي مفادن بدران ملڪي مفاد کي ترجيح ڏيندڙ مخالف ڌر جا ميمبر به ان بل جي اهميت کي سمجهندي مڪمل سپورٽ ڪندا. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فر??ز چيو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ تازين برساتن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصانن جي ڪري پارليامينٽ جو سيشن ايندڙ هفتي منعقد ٿيندو، ايندڙ سيشن جي لاءِ حڪ??ت عملي طئي ڪئي وئي آهي، ??يف اي ٽي ايف بل پاڪستان جي لاءِ ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ گهڻي اهميت رکي ٿو.