اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان ??ازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان ??اري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 752 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 مريض سڄي ملڪ ??ي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ-19 جا 33 هزار 865 جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان ??نڌ ۾ 13 هزار 787، پنجاب ۾ 11 هزار 928، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 395، اسلام آباد 3 هزار 80، بلو??ست??ن هڪ هزار 574، گلگت بلتسان ۾ 442 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 659 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان ??حتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 91 هزار 683 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلو??ست??ن ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي 106 ڪورونا جا مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ??ي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 295 آهي.