اسلام آباد – 13 جنوري (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي روانگي واپار جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪابينا کان منظور ڪيل اي ڪامرس پاليسي ۽ نيشنل ٽيرف پاليسي ??ي عملدرآ??د جي لاءِ حڪمت عملي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن پاليسي ??ي عملدرآمد ٿئي ۽ ان جي ثمرن کان ڪاروباري برادري فائدو کڻي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته روانگي واپار وڌائڻ جي ڏس ۾ هدف مقرر ڪيا وڃن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جي ڪردار جو تعين ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامرس ڊويزن جي ڪارڪردگي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.