اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي برادري کي خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڀارت تي ??ٻاءُ وجهڻ گ??رجي، گڏيل قومن جي مبصر گروپ، عالمي مبصرن ۽ ميڊيا کي والاريل ڪشمير تائين پهچ هجڻ گ??رجي، مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي قراردادن تي ??ملدرآمد ضروري آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي چئي.