اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ??اڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته احساس ڪيش ايمرجنسي پروگرام وزيراعظم عمران خان جي غريب، مزدور ۽ پورهيت طبقي سان محبت ۽ احساس جو اظ??ار آهي، اهو پروگرام محروم طبقن جي معاشي مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، هلندڙ هفتي حقدارن کي اها رقم ملڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو، مستحقين حصيداري بئنڪن مان رقم وصول ڪري سگهندا ان کانسواءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي اضافي ڪائونٽرز جو انتظام پڻ ڪري رهيا آهيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ??اڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ت?? نئين پاڪستان جي ايجنڊا احساس ۽ عوام جي خدمت آهي، ڪيش پروگرام تحت 144 ارب رپيا 1 ڪروڙ 20 لک خان??ان?? ۾ ورهايا ويندا، مستحق خان??ان?? کي 12 هزار رپيا گڏ ادا ڪيا ويندا.