لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته هڪ جهڙي تعليمي نصاب سان ئي معاشري ۾ امتيازي سلوڪ ختم ڪري سگهجي ٿو، تعليم جي ??ريعي ئي اصل ترقي ممڪن آهي، اسڪولن ۾ سهولتون ڏنيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب صوبي جي ??عليمي نظام ۾ سڌارن جي ??والي سان جائزه اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر، گهرو صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، تعليم واري صوبائي وزير مراد راس، ناڻي واري صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان بخت، اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چ??هاڻ، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. تعليم واري صوبائي وزير مراد راس اجلاس کي پنجاب صوبي جي ??عليمي نظام ۾ سڌارن ۽ نئين منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته تعليم جي ??ريعيئي ترقي ممڪن آهي. وزيراعظم پنجابصوبي پاران استادن جي ٽرينگ، هڪ جهڙي تعليمي نظام جي لاءِ قدمن ۽ لاڳاپيل قانوني سڌارن کي ساراهيو. وزيراعظم اسڪولن ۾ سهولتون ڏيڻ جي ??اص تاڪيد ڪئي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ جهڙي تعليمي نظام سان ئي معاشري ۾ امتيازي سلوڪ کي ختم ڪري سگهجي ٿو.