لاهور – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٻارن ۽ عورتن سان زيادتين جي واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي واضح ڪيو آهي ته عورت زيادتي ڪيس کي منطقي انجا?? تائين پهچايو ويندو ۽ ڏوهارين کي قانون موجب سزا ڏني ويندي. وزيراعظم نشي آور مصنوعات وڪرو ڪندڙ عنصرن ۽ قبضي مافيا جي خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو ۽ ان??ظا??يا کي هدايت ڪئي ته ضرورت جي شين خاص طور تي ڪڻڪ جي دستيابي کي يقيني بڻايو وڃ??. هو لاهور ۾ پنجاب صوبي ۾ امن امان، ضرورت جي شين جي دستيابي ۽ ان??ن جي قيمتن ۽ فلاحي منصوبن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.