اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??ينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پا??ستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) حڪومت قومي دولت ڦرڻ ۾ ملوث بدعنوان اڳواڻن کي رليف يا ا??ن آر او نه ڏيندي. هن نجي ??يليويزن چئنل جي ??ڪ پروگرام ۾ انٽرويو ڏيندي چيو ته مافيا متحد ٿي رهي آهي جيڪا عدم استحڪام پيدا ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته جمهوري طور تي چونڊيل حڪومت کي مايوس ڪرڻ جي ??اءِ گجرانوالا ۾ جلسو ڪندڙ پا??ستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۾ شرڪت ڪندڙ ماضي ۾ هڪ ٻئي جي خلاف گار گند جو استعمال ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جي انهن شرڪت ڪندڙن کي اهو مشورو ڏنو ويو آهي ته هو هڪ ٻئي جي شناخت لڪائڻ جي ??اءِ چهرن تي رومال رکن. سينيٽر فراز بيان ڏنو به جلسن ۾ شرڪت ڪندڙن سينيٽائيزر، نقاب ۽ پا??ي مهيا ڪيو ويو هو، هن ٻڌايو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، جيڪو طبي علاج مان لطف اندوز ٿيڻ جي ??اءِ لنڊن ويو هو هاڻي اتان کان سياست ڪري رهيو آهي، اڳوڻي حڪومت جي ڪردار تي تنقيد ڪندي هن چيو ته عمران خان جي حڪومت تي تنقيد ڪندڙ پا??ستان پيپلزپارٽي ۽ پا??ستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ پنهنجي 40 سالن جي عرصي حڪمراني ۾ سڌارا نه آڻي سگهيا هئا، هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت انهن اڳواڻن کي رليف نه فراهم ڪندي جيڪي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي ??عاملن ۾ ملوث آهن.