اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فوج مخالف بيانن جو سخت نوٽيس وٺندي واضح ڪيو آه?? ته ق??مي ادارن جي خلاف ڳالهائڻ شرمناڪ آه??، اهڙي قسم جي ڳالهين سان دشمن کي خوش ڪيو پيو وڃي، اهڙا بيان ڀارتي ميڊيا تي بريڪنگ نيوز طور تي هلايا وڃن ٿا، مريم ۽ پي ڊي ايم اڳواڻ پاڪستان جي ازلي دشمن ڀارت جي پاڪستان مخالف ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهيا آه??، حڪومت کان ڇا استعيفيٰ وٺندا پيپلزپارٽي جي سي اي سي جي فيصلي کانپوءِ ته پي ڊي ايم قصه پارينه بڻجي چڪي ??هي، عمران خان جو اهو موقف آه?? ته جيڪڏهن نواز ۽ زرداري کي اين آر او نه ملي ها ته اڄ صورتحال تمام مختلف هجي ها، 18 هين ترميم کانپوءِ به فيڊريشن جي روح کي برقرار رکڻ لازمي آه??، 2021ع جو سال ترقي، خوشحالي ۽ معاشي استحڪام جو سال هوندو، موجوده حڪومت پنهنجو مدو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سمورا واعدا پورا ڪري چڪي هوندي، سنڌ حڪومت پنهنجي سي??سي مقصدن، پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ اهڙو ماحول پيدا ڪري ٿي جنهن سان تاثر پيدا ٿئي ته شين جي کوٽ يا قيمتن ۾ واڌارو ٿيو آه??. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.