اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير س??نيٽر شبلي ف??از چيو آهي ته سينيٽر ڪلثوم پروين ٽي ڀيرا هن ايوان جي ميمبر منتخب ٿي، سندس لاڏاڻي جو گهڻو ڏک ٿيو آهي، هر هڪ کي موت جو ذائقو چکڻو آهي، ا??ل شيءَ اسان جا اعمال آهن، ا??ان کي پنهنجا اعمال کڻي وڃڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ ۾ سينيٽر ڪلثوم پروين جي لاڏاڻي تي تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽر شبلي ف??از چيو ته اها اسان جي لاءِ تاڪيد آهي ته اسان کي هن ايوان ۾ ويهي پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي خدمت جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪرڻو آهي، هن چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا سبب ملڪ کي مشڪل حالتون درپيش آهن، بنا ڪنهن مدد جي باوجود اسان مشڪلاتن جو مقابلو ڪيو، ا??ان جي معيشت باقي ملڪن جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي، ان ۾ اسان جي ح??ومت جي ح??مت عملي به شامل هئي.