اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪورونا ويڪسين حاصل ڪرڻ جي حوالي سان قائم ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي صحت واري ??اص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ سماجي ڀلائي واري ??اص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر شرڪت ڪئي. ڪميٽي جي ميمبرن وزيراعظم کي بريفنگ ڏني ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ٻه ويڪسينز جي ا??مر??نسي استعمال جي منظوري ڏني وئي آهي. ان کانسواء?? وڌيڪ ويڪسينز جي منظوري ??ي لاءِ قدمن کي فاسٽ ٽريڪ ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منظور ٿيل ٻن ويڪسينز کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري ??هن ۽ هن سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ ويڪسينز جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.