وانا – 20 – جنوري (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته چورن جو ٽولو جيترو مرضي بليڪ ميل ڪري کين اين آر او نه ملن??و، ملڪ تي جيڪڏهن چورن ۽ ڦورئن جي حڪمراني هجي ته اهو ترقي نٿو ڪري سگهي، ڏکڻ وزيرستان ۾ پنج هزار ڪينال تي نالج سٽي ۽ سمورن رهواسين کي هيلٿ انشورنس جي سهولت ڏئي رهيا آهيون، ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽرز جي زمين جي نشاندهي چڱن مڙسن جي مشاورت سان ڪئي ويندي، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي خصوصي هدايت ڪئي آهي ته اڳوڻي قبائلي علائقن جي فنڊز ۾ ڪابه ڪٽوتي نه ڪري، اڳوڻي فاٽا، ڏکڻ بلوچستان سميت پوئتي پي?? علائقن جي ترقي اسان جي ترجيح آهي. ڏکڻ وزيرستان جي علائقي مولاخان سراءِ ۾ چڱن مڙسن کي خطاب ڪندي وزي??اع??م عمران خان چيو ته مديني جي رياست جو ب??ياد قانون جي بالادستي ۽ انصاف جو نظام هو، اڄ به مديني جي رياست جا اصول رول ماڊل آهن، هن چيو ته ڇا مديني جي رياست هڪدم وجود ۾ اچي وئي هئي، مديني جي رياست ۾ غريب طبقي کي مٿي آندو ويو ۽ فلاحي رياست جو ب??ياد وڌو ويو هو، اڄ به جديد دنيا جا اصول مديني جي رياست جي ماڊل تي قائم آهن، اسان به ملڪ ۾ اسلامي فلاحي رياست جي قيام لاءِ ڪوشان آهيون،