اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سرڪاري ملازمن کي پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ بابت پاڻ سان منسوب جملن جي ترديد ڪ??دي چيو آهي ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي، سرڪاري ملازمن جي جائز مطالبن کي ٻڌڻ ۽ ان تي اڳڀرائي جي لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گذريل ڏينهن اطلاعات واري وزارت آمد جي موقعي تي مظاهرين سان ڳالهين واري وڊيو فوٽيج به شيئر ??ئي جنهن ۾ واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو ته سينيٽر شبلي فراز گاڏي مان لهڻ کانپوءِ تحمل سان مظاهرين جي ڳالهه ٻڌي ۽ ان جي جواب ۾ چيو ته و??ير??عظم عمران خان روزاني جي بنياد تي مهانگائي گهٽ ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو آهي ۽ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ ۾ به ٻڌايو هو ته وفاقي ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش آهي، و??ير??عظم عمران خان خودڪفالت شعاري مهم جو آغ??ز ڪيو ۽ و??ير??عظم آفيس ۽ هائوس جا خرچا گهٽ ڪيا پر سرڪاري ملازمن جي مسئلن ۽ مشڪلاتن جو حل اسان جي ترجيح آهي.