اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان عالمي تعاون لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي، ان سلسلي ۾ پاڪستان نيوي گهڻ قومي امن مشق 2021ع جو اهتمام ڪري رهي آهي. پنهن??ي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته بحري مشق ۾ سڄي دنيا جي 42 کان وڌيڪ بحري فوجون حصو وٺي رهيون آهن، اهو علائقائي امن ۽ استحڪ??م جي حوالي سان حڪومت پاڪستان جي ويزن ??ي عڪاس آهي. هن بحري مشق ۾ حصو وٺندڙ سمورن شرڪت ڪندڙن کي مبارڪب??د پيش ڪئي.