اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ روايتي دوستاڻي لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٺوس اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن ??يڪي گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت ۾ جڙيل آهن، هن ??ها ڳالهه ايوان صدر ۾ اردن جي سينيٽ جي صدر فيصل عاڪف الفياض جي سربراهي ۾ پارلياماني وفد سان ڳالهائيندي چئي.