اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي جارحيت جو پاڪستان جي هٿياربند فوج جهڙي طرح جواب ڏنو ان کي دنيا ياد رکندي، ڀارت آر ايس ايس جي نفرت ۽ شيطانيت تي ٻڌل هندتوا نازي نسل پرستاڻي نظريي تي عمل ڪري رهيو آهي، ڀارتي ق??من سان ڏکڻ ايشيا جو امن خطري ۾ پئجي ويو آهي، 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت گڏيل قومن جي ق??اردادن ۽ شملا معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي آرٽيڪل 370 اي جي خاتمي جو هڪطرفو قدم کنيو، والاريل ڪشمير جا 80 لک ماڻهو 9 لک ڀارتي فوج هٿان يرغمال آهن، مودي حڪومت 20 ڪروڙ مسلما??ن کي نشانو بڻائي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن 26 فيبروري 2019?? جي ڀارتي جارحيت جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.