اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اف??ان امن معاهدي سان وزيراعظم عمران خان جي ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلن جي حل جي موقف جي تائيد ٿئي ٿي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽ??ئيٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ خاص مددگار چيو ته وزيراعظم عمران خان سدائين اهو چيو آهي ته ڳالهيون ئي گڏيل تڪرارن جي ح?? جو واحد رستو آهن.