اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ايس او پ??ز تي عملدرآمد سان وائرس جو ڦهلاءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ملڪ ۾ جولاءِ جي آخر ۽ آگسٽ جي شروع ۾ وبا جو دٻاءُ بلند ترين سطح تي هوندو?? ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ گهر مان ماسڪ پائي نڪرو، بي احتياطي بزرگن ۽ ٻين ماڻهن جي زندگي خطري ۾ وجهي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا وبا بابت ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته لا?? ڊائون دوران ملڪ ۾ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقو مشڪل وقت مان گذري رهيو آهي. هن چيو ته لا?? ڊائون جو مطلب ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ ۾ گهٽتائي آهي، لا?? ڊائون سان ڪورونا ڪڏهن به ختم نه ٿيندو، آمريڪا ۾ ان وبا سان هڪ لک ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته انهن لا?? ڊائون ختم ڪري ڇڏيو، امير ملڪ به ان نتيجي تي پهتا آهن ته لا?? ڊائون مسئلي جو حل ن?? آهي. هن چيو ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پ??ز تي عملدرآمد سان ئي وائرس جو ڦهلاءُ گهٽ ڪري سگهجي ٿو، ماسڪ پائڻ سان وائرس جي ڦهلاءُ ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي اچي ٿي.