اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو آهي ته ڪراچي جي عوام کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ وفاقي حڪ??مت خصوصي قدم کڻي رهي آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي 200 ميگاواٽ اضافي بجلي جي پيداوار لاءِ وڌيڪ 30 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ڏينداسين، نيپرا ۾ سنڌ جو نمائندو سنڌ حڪ??مت نامزد ڪيو آهي، سنڌ حڪ??مت ان جي خلاف ٺوس ڪارروائي ڪري، نيپرا ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي معاملي تي سڀاڻي ٻڌڻي آهي، ڪراچي ۾ غفلت سان پاڻي بيهڻ سان حادثن جي ذميدارن جي خلاف سنڌ حڪ??مت ڪارروائي ڪري. هن اها ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ آغا رفيع الله ۽ ٻين ميمبرن جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي چئي، عمر ايوب چيو ته نيپرا ڪابينا ڊو??زن تحت اچي ٿي، ڪي اليڪٽرڪ جو مسئلو سالن کان آهي، موجوده حڪ??مت ڪراچي کي بجلي جي سپلائي جي معاملي تي ڪم ڪري رهي آهي، هن وق?? تائين ڪراچي کي 30 هزار ميٽرڪ ٽن ٻارڻ ۽ 100 ايم ايم سي ايف ڊي گئس ڪراچي جي عوام جي ڏکيائي ختم ڪرڻ لاءِ ڏئي رهيا آهيون، ڪي اليڪٽرڪ جو سسٽم اهڙو ناهي جو نيشنل گرڊ کان وڌيڪ بجلي حاصل ڪري سگهي، ڪراچي ايسٽ ۽ ويسٽ ۾ ٻه گرڊ اسٽيشن ٺاهيا پيا وڃن.