اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف فوري ڪريڪ ڊائون جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقي??ي بڻائڻ ۽ قيمتن ک?? هڪجهڙي سطح تي آڻڻ جي لاءِ بين الصوبائي ڪوآرڊينيشن کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي جامع ۽ منظم انتظامي قدمن کي به يقي??ي بڻايو وڃي. هو اڱاري ڏينهن سڄي ملڪ ۾ عوام الناس کي ڪڻڪ ۽ اٽي جي مناسب قيمت تي فراهمي کي يقي??ي بڻائڻ ۽ قيمتن تي ضابطو رکڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.