اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان جي عوا?? جي سامهون ٻه سالا ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪري رهيا آهيون جيڪو جمهوري حڪومت جو طرز عمل هوندو آهي، وزيراعظم عمران خان 1996ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو بنياد رکيو، ان جو محور ساڄي ۽ کاٻي بدران درست ۽ غلط بڻايو، هڪ طرف ذاتي مف??د ۽ ٻي طرف ملڪ ۽ قو?? جي ترقي، ??وشحالي جي بينادي مقصدن کي حاصل ڪرڻ آهي جنهن کي اسان پنهنجي ترجيحي بڻايو آهي ۽ انهي بياني کي اڳتي وٺي وڌي رهيا آهيون، مديني جي رياست جا ٽي بنيادي ٿنڀ رحم، انصاف ۽ احساس اسان جي دفاعي، معاشي ۽ ثقافتي سرگرمين جو احاطو ڪن ٿا. پاڪستان جي عوام ذاتي مف??د جي بياني کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ??سان جو مقصد ذاتي ڪاميابين جي تشهير نه پر اندروني ۽ ٻاهرين محاذن تي دشمن جي ارادن جي خلاف وڙهڻ آهي، ??شمن سدائين اسان جي معيشت کي نقصان پهچائي نااميدي ۽ افراتفري پکيڙڻ چاهي ٿو ۽ اطلاعات واري وزارت ان جنگ جو ڀرپور مقابلو ڪندي، ??ڪومت جي ڀرپور جدوجهد جي نتيجي ۾ ڏکيو وقت گذري چڪو، سٺو وقت شروع ٿي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت جا ٻه سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه مح??ود قريشي، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، وزيراعظ?? جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.