اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چين سان پاڪستان جي ٻه طرفي لاڳاپن کي اطمينان بخش قرار ڏيندي چيو آهي ته هر آزمائش تي پورو لهندڙ تزويراتي تعاون تي ٻڌل اسان جي حصيداري مضبوط کان مضبوط ٿيندي پئي وڃ??، چين جي بنيادي قومي مفادن جي سلسلي ۾ پاڪتسان ان جي حمايت جاري رکندو، عوامي جمهوريه چين جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي چيني وزيراعظم جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيرا??ظم عمران خان چيو ته هو حڪومت پاڪستان، عوام ۽ پنهنجي پاران دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪري ٿو، هن چيو ته پهرين آڪٽوبر 1949ع تي نئين چين جي قيام تاريخ ۾ يادگار حيثيت رکندڙ آهي، چين ڪ??يو??سٽ پارٽي جي زير قيادت اعتدال پسند، خوشحال معاشري جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ تيار آهي، وزيرا??ظم چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته پاڪ چين ٻه طرفا لاڳاپا سدائين مستحڪم رهيا، پاڪ چين ٻه طرفي تعاون تي ٻڌل تذويراتي حصيدار مضبوط کان مضبوط ٿيندا رهيا آهن