اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ منفرد نوعيت جا ??وستاڻا لاڳاپا دنيا جي لاءِ مثال آهن، ٻنهي دوست ملڪن ۾ لاڳاپا گڏيل ??حترام، اعتماد، مفادن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي هموار آهن، ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط کان مضبوط ٿيندا رهيا آهن، هلندڙ مهيني دوران سي پيڪ ت??ت رشڪئي اڪنامڪ زو?? جو افتتاث ٿي رهيو آهي. اهڙن خيال?? جو اظهار هن چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل ??لچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.