اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته ”راست“ نظام جاري ڪرڻ ڊيجيٽل پاڪستان طرف اهم قدم آهي، راست پروگرام سان غربت جي خاتمي ۾ به مدد ملندي، بدقسمتي س??ن اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان گهٽ ٽيڪس گڏ ٿئي ٿو، رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو اچڻ سان ڊالر جي مقابلي ۾ رپيو مستحڪم ٿيو. پاڪستان جي پهرين فوري ڊيجيٽل ادائيگي جي نظام ”راست“ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي و??ير??عظم راست نظام جاري ڪرڻ تي اسٽيٽ بئنڪ کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته راست نظام جاري ڪرڻ ڊيجيٽل پاڪستان طرف اهم قدم آهي، ان س??ن ادائيگين جي نظام کي محفوظ ۽ موثر بڻائي سگهبو. و??ير??عظم چيو ته بدقسمتي س??ن اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان گهٽ ٽيڪس گڏ ٿئي ٿو، 22 ڪروڙ جي آبادي مان رڳو 20 لک ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا ۽ انهن مان به 70 سيڪڙو ٽيڪس رڳو 3 هزار ماڻهو ڏين ٿا، گهٽ روينيو جي ڪري اسان ملڪي تعمير ۽ ترقي تي وڌيڪ خرچ نه ٿا ڪري سگهون.