ترجمو: صنم جوڻيجو/روپ ميگهواڙ
خصوصي فيچر
اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي ??ڌندڙ آبادي کي ن??ر ۾ رکندي غذائي ضرورتن جي حوالي سان درپيش هڪ اهم مسئلو کاڄري تيل جي گهرج ۾ مسلسل اضافو آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر سال اربين روپين جو کاڌي وارو تيل درآمد ڪرڻو پوندو آهي، ملڪ ۾ پنهنجي ضرورت جو کاڄرو تيل صرف 32 سيڪڙو پيدا ٿي رهيو آهي جڏهن ته 68 سيڪڙو درآمد ڪيو ويندو آهي. کاڄرو تيل جي درآمد تي دارومدار ختم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ پيداوار وڌائڻ لاءِ زيتون سميت ٻين تيل وارين جنسن جي ??وک ۾ اضافي جي تمام گهڻي ضرورت آهي. سڄي دنيا ۾ زيتون جو پوکي وارو رقبو ساليانو ڏيڍ سيڪڙو جي شرح کان وڌي رهيو آهي. خوراڪ ۽ زراعت بابت گڏيل قومن جي عالمي اداري جي ??طابق سال 2018ع ۾ عالمي سطح تي زيتون جي ??وک هيٺ رقبو هڪ ڪروڙ 5 لک 13 هزار 320 هيڪٽر هو جيڪو سال 2000ع جي ??قابلي ۾ 26 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. رپورٽ موجب سال 2000ع جي ??قابلي ۾ 2018ع دوران زيتون جي ??يداوار ۾ 35 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ زيتون جي ??وک، ميون جي ??يداوار ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ تيل جي حوالي سان اسپين سرفهرست آهي.
زرعي ماهرن موجب زيتون جي ڪامياب پوک لاءِ اهڙي آبهوا جي ضرورت هوندي آهي جتي گرمين ۾ موسم خشڪ ۽ سردي ۾ گرمي پد ڪجهه عرصي لاءِ 7 ڊگري کان گهٽ هجي ۽ مينهن گهٽ پوندا هجن، زيتون جو وڻ سدابهار آهي ۽ اهي علائقا جنهن جو گرمي پد 20 کان 25 ڊگري سينٽي گريڊ هجي اتي ان جي ??ڌيڪ پيداوار حاصل ٿيندي آهي. زيتون جو ٻوٽو گرم صحرا کان وٺي برف سان ڍڪيل جابلو چوٽين تائين پوکي سگهجي ??و. زيتون جي ??ڻ تي ميوو ٽن کان چئن سالن کانپوءِ اچڻ شروع ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته واپاري پئماني تي پيداوار ڇهين سال ملڻ شروع ٿي ويندي آهي ان جي سٺي قسمن جي سراسري پيداوار 50 کان 60 مڻ في ايڪڙ تائين رڪارڊ ڪئي وئي آهي، سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته زيتون جي ??وک ٻين فصلن جي ??وک کي به متاثر نٿي ڪري.
وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته موجوده حڪومت زيتون جو انقلاب کڻي اچي رهي آهي، صرف زيتون جي ??يداوار تي ئي ڌيان ڏيون ته نه رڳو درآمد وڌڻ سان اربين روپيا بچي سگهن ٿا پر اسان پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ زيتون کي برآمد ڪري اربين ڊالر ڪمائي به سگهون ٿا. ان حوالي سان تازين تقريبن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اسان کي مشڪل اها آهي ته اسان کاڄرو تيل درآمد ڪندا آهيون، اسان هن وقت ٽي ارب ڊالرن جو کاڄرو تيل درآمد ڪري رهيا آهيون اهو ئي سبب آهي جو اسان جي ??لڪ ۾ گيهي مانگهو ٿي ويندو آهي. هن چيو ته اسان کي زيتون جي ??وک تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. سنڌو درياءُ جي اولهندي علائقن ۾ مينهن گهٽ پوندو آهي، فصل ناهن ٿيندا، ان لاءِ اها زيتون جي ??وک لاءِ گهڻي فائديمند جڳهه آهي، ان کانسواءِ بلين ٽري منصوبي ۾ به زيتون جي ??وک تي ڀرپور ڌيان ڏينداسين.
هن وقت ملڪ جي ??ختلف علائقن ۾ 27 هزار هيڪٽر رقبي تي زيتون پوکيو ويو آهي، تنهن هوندي به زيتون جي ??وک هيٺ رقبي کي 70 هزار ايڪڙ کان وڌايو ويندو. گذريل سال آبادگارن کي زيتون جي ??ڻڪاري جي ??اءِ پنج لک 50 هزار ٻوٽا فراهم ڪيا ويا هئا. 23 -2022ع تائين وڌيڪ 50 هزار ايڪڙ رقبي تي زيتون جا ٻوٽا پوکيا ويندا ۽ هلندڙ وڻڪاري مهم دوران زيتون جا 23 لک نوان ٻوٽا لڳايا ويندا. زرعي ماهرن ملڪ جي ??ختلف علائقن جي ن??اندهي ڪئي آهي جتي زيتون جي ڪاروباري بنيادن تي پوک ڪري سگهجي ??ي. ان جو چوڻ هو ته زيتون جي ??ڻڪاري جي ??روغ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري تحت ملڪ جي ??ختلف حصن ۾ زيتون جي ??وٽن جون 10 نرسريون به قائم ڪيون ويون آهن ۽ خريف جي ??ند جي تازي وڻڪاري مهم دوران انهن نرسرين مان هڪ ملين ٻوٽا خريد ڪيا ويندا، جيڪي فيڊرل سيڊ ر??سٽ??يشن اينڊ سرٽيفڪيشن اٿارٽي مان باقاعده منظور ٿيل هوندا. ملڪ ۾ زيتون جي ??يداوار ۾ مسلسل اضافي جو رجحان آهي ۽ اميد آهي ته هلندڙ مند ۾ قومي پيداوار 11 هزار ٽن کان ٽپي ويندي. جنهن سان زيتون جي تيل جي ??يداوار به وڌندي.
جيڪڏهن پاڪستان جي ??ختلف علائقن جي ??وسمي حالتن ۽ نوعيت کي ڏٺو وڃي ته سنڌو درياءُ جي ڀرپاسي جي علائقن، خيبرپختونخوا ۽ اسلام آباد زيتون جي ??وک لاءِ بهترين آهن، جڏهن ته پوٺوهار خطي کي زيتون جي ??وکي لاءِ انتهائي موزون علائقو سمجهيو ويندو آهي.
هلندڙ سال پوٺوهار خطي ۾ زيتون جي ??وک جي حوصلا افزائي لاءِ آبادگارن کي زيتون جا 12 لک 10 هزار ٻوٽا مفت فراهم ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي زيتون جو تيل ڪڍڻ جي سهولت به مهيا ڪئي وئي، جڏهن ته پوٺوهار خطي ۾ زيتون ۽ ٻين هائي ويليوز فصلن جي ??يداوار کي وڌيڪ ڪامياب بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ويو آهي. پنجاب جي زراعت واري سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني جو چوڻ آهي ته ملڪي کاڄرو تيل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ زيتون جي باغن کي وڌيڪ سهولتن جي ??راهمي کي به يقيني بڻايو ويندو ته جيئن هو ملڪي کاڄرو تيل جي ??يداوار کي وڌائڻ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن. هڪ اجلاس ۾ هن چيو ته زرعي سائنسدانن کي زيتون ۽ ٻين هاءِ ويليو فصل پوکڻ جي ن??ين قسمن کي متعارف ڪرائڻ لاءِ تحقيقي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پوٺوهار خطو مختلف ميوون جي ??وک لاءِ انتهائي موزون آهي ۽ ان حوالي سان آبادگارن جي ??ڌيڪ ٽيڪنيڪي رهنمائي وقت جي اهم ضرورت آهي.
پاڪستان زرعي تحقيق ڪائونسل (پي اي آر سي) ملڪ جي ??ختلف علائقن ۾ زيتون جي ??يداوار وڌائڻ ۽ گهٽ لاڳت تي ٻڌل آبادڪاري جي ??روغ تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي، ان ڏس ۾ پاڪستان زرعي تحقيقي ڪائونسل (پي اي آر سي) جي زيتون بابت نيشنل پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد طارق جو چوڻ آهي ته الله تعاليٰ اسان جي ??لڪ کي بي شمار نعمتن سان نوازيو آهي ۽ ملڪ ۾ اهڙي وڌيڪ زمين موجود آهي جتي زيتون پوکي سگهجي ??و. ان کانسواءِ جهنگلي زيتون جي ??يوندڪاري ڪري به پيدوار حاصل ڪري سگهون ٿا. اهو وفاقي حڪومت جو هڪ دانشمنداڻو فيصلو آهي ته ملڪ ۾ زيتون جي ??وک کي وڏي پئماني تي فرو?? ڏنو وڃي، ان سان نه رڳو قيمتي پرڏيهي ن??ڻي جي بچت ٿيندي پر ٻهراڙي جي ??عيشت کي بهتر بڻائي سگهبو. زيتون جي ??وک سان ماڻهن کي تمام گهڻا موقعا ملندا ۽ خاص طور تي نوجوانن ۽ عورتن کي زيتون جي ??يليو ايڊيشن جي عمل ۾ شامل ڪري انهن جي ??اءِ روزگار جا موقعا به وڌائي سگهجن ٿا.
ملڪ ۾ زيتون جي ??وک جي ??روغ لاءِ حڪومت جي سطح تي قدمن سان گڏوگڏ نجي شعبو به پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ان ڏس ۾ النور زرعي فارمز ڪلهرڪار، چڪوال جي جنرل مئنيجر محمد عزيز ملڪ پوٺوهار خطي ۾ زيتون جي ??وک جي باري ۾ چيو ته اسان جا فارم 200 ايڪڙن تي مشمل آهن ۽ انهن ۾ 40 کان 50 ايڪڙ تي زيتون جي ??وک ڪئي وئي آهي، پوٺوهار خطي ۾ حڪومت جي تعاون سان ان فارم کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون جتي زيتون جي ??لانٽس جي ??جموعي تعداد تقريبن 7 هزار آهي ۽ ان ۾ هڪ سال کان وٺي پنجن سالن تائين جا ٻوٽا شامل آهن. ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته چوٿين ۽ پنجين سال زيتون جي ??وٽن مان پيداوار شروع ٿي ويندي آهي. هن چيو ته وزيراعظم زيتون جي ??وک کي تمام وڌيڪ ترجيح ڏئي رهيو آهي، پاڪستان ۾ زيتون جي ??وک جو منصوبو انتهائي خوش آئنده آهي ان سان ملڪ جي ڪافي پرڏيهي جي ن??ڻي بچت ڪري سگهجي ??ي. ڇو ته اسان ملڪن جي اندر زيتون جي ??وک ڪري کاڄرو تيل جي ??يدوار وڌائي سگهون ٿا. هن چيو ته پوٺوهار خطي کانسواءِ خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ پنجاب جي ??ختلف علائقن ۾ زيتون جي ??وک کي فروغ ڏيڻ گهرجي، زيتون جي ??وک لاءِ تمام گهڻي زرخيز زمين جي به ضرورت ناهي هوندي ۽ عام زمين تي به زيتون جي ??وک ڪري سگهجي ??ي. هن چيو ته ٻين فصلن جي ڀيٽ ۾ زيتون مان وڌيڪ عرصي تائين پيداوار حاصل ڪري سگهجي ??ي جيڪڏهن ان جي ??ناسب سارسنڀال ڪئي وڃي ته سئو سال کان مٿي تائين ان مان پيداوار وٺي سگهجي ??ي. هن چيو ته سيڙپڪارن کي زيتون جي ??وک تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ان سان نه رڳو هو پنهنجي ڪاروبار کي فروغ ڏئي سگهن ٿا پر ملڪ کي به ان مان فائدو ٿيندو.
پنجاب ۾ پوٺوهار خطي سميت ٻين علائقن کانسواءِ خيبرپختونخوا صوبي ۽ بلوچستان ۾ زيتون جي ??سيع رقبي تي پوک لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته سنڌ ۽ گلگت بلتستان ۾ به زيتون جي ??يداوار جي گهڻي گنجائش موجود آهي، زيتون جي ??وک ۾ اضافي سان گڏوگڏ مختلف علائقن ۾ پراسيسنگ جي ??لانٽ تي به ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ پنجاب ۽ بلوچستان جي حڪومتن پهرين ئي مختلف علائقن ۾ ٽي پلانٽس قائم ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته نجي شعبو به ان حوالي سان سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪري رهيو آهي، ان کانسواءِ حڪومت به ان جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪري رهي آهي ته جيئن زيتون جي ??يداوار ۽ ان جي تيل ڪڍڻ جي عمل کي جديد بينادن تي فروغ ڏئي سگهجي، زرعي ۽ اقتصادي ماهرن اميد رکن ٿا ته پاڪستان ۾ زيتون جي ??وک ۾ اضافي جو رجحان ۽ خصوصي قدمن جي ڪري مستقبل ۾ مقامي گهرج پوري ٿيڻ کانسواءِ اضافي پيداوار ج?? ذريعي قيمتي پرڏيهي ن??ڻو نه رڳو بچائي پر ڪمائي به سگهبو.