اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته افغان مسئلي ??ي سياسي حل جي ضرورت آهي، رشين فيڊريشن سان واپار، ريلوي، هوابازي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جا خواهشمند آهيون. پاڪستان جي دوري تي آيل روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف وزي??اع??م عمران خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ روس ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي اهم??ت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزي??اع??م جون ۾ بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ??ي سربراهي اجلاس جي موقعي تي صدر والادي مير پوٽن سان پنهنجي ملاقات جو ذڪرو ڪيو، جتي هن ٻه طرفي لاڳاپن کي هڪ نئين سطح تي وٺي وڃڻ جي خواهش تي زور ڏنو هو. وزي??اع??م هڪ اهم پرڏيهي پاليسي جي ترجيح جي طور تي روس سان پنهنجي لاڳاپن جي اهم??ت جو ورجاءُ ڪيو. هن ٻه طرفي لاڳاپن ۾ استحڪام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. جنهن ۾ واپار، توانائي، سلامتي ۽ دفاع ۾ گِهرو تعاون شامل آهي. وزي??اع??م ”پاڪستان اسٽريم“ (اتر ڏکڻ) گئس پائيپ لائين منصوبي جي لاءِ گهربل قانوني عمل کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ ۽ جلد کان جلد ڪم شروع ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ توانائي، صنعتي جدت، ريلوي ۽ هوابازي جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته هن سال جي آخر ۾ ماسڪو ۾ ٿيندڙ بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ ??ي سي) ان ڏس ۾ مخصوص تجويزن ۽ منصوبن کي پيش ڪندي، ڪووڊ – 19 وبائي مرض جي ذريعي درپيش صحت ۽ معاشي چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزي??اع??م روس کي ڪورونا ويڪسين ٺاهڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان جي منصوبن تي زور ڏنو، وزي??اع??م افغان تڪرار جو ڳالهين سان سياسي حل جي اهميت تي زر ڏنو، ماسڪو ۾ تازي اجلاس جي ميزباني جي ذريعي پاڪستان افغان امن عمل کي فروغ ڏيڻ ۾ روس جي ڪوششن کي ساراهيو.