اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ چين جا گڏيل مفاد ڪنهن به قسم جي سياست کان مٿي آهن، ٻنهي ملڪن جا پارليامينٽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين – پاڪس??ان سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه جي موق??ي تي چيني سفارتخاني طرفان انعقاد ڪيل آن لائن تقري?? کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته خوشي جي ان موق??ي تي ان طرح جي تقريب جي انعقاد تي چيني سفارتخانو مبارڪباد جو مستحق آهي. سينيٽ چيئرمين چيني صدر شي جن پنگ لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ ان موق??ي تي دلي پيغام تي ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته 21 مئي 1951ع پاڪستاني تاريخ جو اهم ڏينهن آهي، انهي ڏينهن پاڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا هئا، پاڪس??ان سدائين هر طرح جي حالتن ۾ پنهنجي چيني ڀائرن سان گڏ بيٺل رهيو آهي، هن چيو ته چين سان دوستي سدائين پاڪستاني پرڏيهي پاليسي جو مرڪزي جزو رهيو آهي، چين ۽ پاڪس??ان صرف پاڙيسري ئي نه پر بهترين دوست ملڪ به آهن، پاڪس??ان ۽ چين جهڙي دوستي جو دنيا ۾ ڪٿي مثال نٿو ملي، هن چيو ته پاڪس??ان ۽ چين جا گڏيل مفاد ڪنهن به قسم جي سياست کان مٿانهون آهن، پاڪ چين دوستي صديون پراڻي راهدارين، تاريخي ثقافتي لاڳاپن تي مشتمل آهي،