اسل??م آباد – 02 جون (اي پي پي) اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ملڪن جي پارلياماني اسيمبلي جي ٻي ڪانفرنس جو ”اسل??م آباد پڌرنامو“ جاري ڪيو ويو جنهن ۾ محڪوم ڪشميري ۽ فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي آهي ج??هن ته هڪطرفي اقتصادي پابندين ۽ علائقائي حدن کان مٿانهين سياسي دٻاءُ کي هٿيار طور استعمال کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن جي خلاف ورزي قرار ڏيندي ان کان متاثر اي سي او ميمبر ملڪن کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي وئي آهي. علائقائي واپار ۽ رابطن جو فروغ تي جاري ٿيندڙ اسل??م آباد پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پائيڪو ??ي پارليامينٽن جي سربراهن (اسپيڪر چيئرپرسنز صدرن) اسل??م آباد ۾ پهرين کان 2 جون 2021ع تي اسلامي ??مه??ريه پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي ميزباني ۾ پائيڪو ??ي ٻي جنرل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، ان دوران اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي وسيع البنياد مقصدن جي حمايت جي لاءِ پائيڪو ??ي اهميت تي زور ڏنو جنهن جو مقصد ميمبر رياستن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ آهي.