اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين چونڊن ۾ شفافيت جو بهترين ذريعو آهي، چونڊن ۾ شفافيت جي حوالي سان ميڪنزم تيار ڪرڻو پوندو، اي وي ايم اليڪشن ڪ??يشن جون سموريون شرطون پوريون ڪ??دي آهي، ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ??مورو ڪم مڪمل آهي، حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ اتفاق راءِ ٿي ويو ته ايندڙ چونڊون اي وي ايم تي ڪرائي سگهجن ٿيون، اي وي ايم جي استعمال سان ڌانڌلي جا امڪان گهٽ ٿ??ند??، چونڊ نتيجا فوري دستياب هوندا، ان ۾ اليڪٽرانڪ ٽريل سان گڏ پيپر ٽريل به دستياب هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊجيٽل ميڊيا ونگ سان هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي اسان ??و زور ان لاءِ آهي ته اها انٽرنيٽ سان ڳنڍيل نه آهي، اها مشين موجوده پيپر بيسڊ نظام کان هڪ قدم اڳتي آهي، اسان ??ن ۾ اليڪٽرانڪ ٽريل سان گڏ پيپر ٽريل به دستياب هوندي، هن چيو ته عام طور تي چونڊن دوران ووٽنگ پنج وڳي ختم ٿي ويندي آهي ۽ اسان کي نتيجن جي انتظار لاءِ صبح تائين انتظار ڪرڻو پوندو آهي جڏهن ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جي استعمال سان چونڊ نتيجا فوري دستياب ٿ??ند?? ۽ ڌانڌلي جا امڪان ??ه گهٽ ٿ??ند??. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ حڪومت ن ليگ جي هئي، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم ن ليگ جو هو، اليڪشن ڪ??يشن جو سينئر ميمبر به آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جو سنڍو هو، چيف اليڪشن ڪ??شنر جي مقرري به آزاد ڪشمير حڪومت پاڻ ڪئي جڏهن ته پو??يس ۽ انتظاميه به انهن جي تابع هئي پر جڏهن ن ليگ کي اليڪشن ۾ شڪست ٿي ته هنن چيو ته ڌانڌلي ٿي آهي. وفاقي وزير چيو ته آخر اهڙو ڪهڙو طريقو اختيار ڪيو وڃي ته جيئن انهن جا الزام ختم ڪري سگهجن،جيڪڏهن هو اليڪشن هارائ??ند?? آهن ته چوندا آهن ته ڌانڌلي ٿي آهي ۽ کٽي و??ند?? آهن ته چوندا آهن ته چونڊون ٺيڪ ٿيون آهن، ان ??والي سان هڪ ميڪنزم تيار ڪرڻو پوندو جنهن سان چونڊن جي شفافيت تي سوال نه اٿاري سگهجي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جو موقف آهي ته چونڊن ۾ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي طرف وڌڻ گهرجي، ٽيڪنالاجي جي استعمال سان چونڊن جي فرسٽ ورلڊ جي طرز تي شفافيت ايندي، چونڊن ۾ اي وي ايم جي استعمال لاءِ اليڪشن ڪ??يشن جي شرطن جي باري ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪ??يشن 36 شرطون سامهون رکيون ۽ چيو ته جيڪڏهن مشينون انهن 36 شرطن کي پوري ڪن ٿيون ٿي ته اهي اليڪشن ۾ استعمال ڪري سگهجن ٿيون. هن چيو ته اسان ??يڪا نئين ٽيڪنالاجي آندي آهي، اها اليڪشن ڪ??يشن جي سمورين شرطن کي پورو ڪري ٿي. اسٽيڪ هولڊرز جي خدشن جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته اسٽيڪ هولڊرز ۾ اليڪشن ڪ??يشن ۽ مخالف ڌر پارٽيون شامل آهن. اهي مشينون اليڪشن ڪ??يشن جي سمورين شرطن کي پورو ڪري رهيون آهن جيستائين مخالف ڌر جو تعلق آهي ته انهن به اڃان ??ائين اها ٽيڪنالاجي ڏٺي ئي ناهي، هن چيو ته مخالف ڌر پهرين انهن مشينن کي ڏسي پوءِ پنهنجو فيصلو ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته هن وقت چونڊ سڌارن ۾ ٽن طرح جي ٽيڪنالاجيز تي ڳالهه ٿي رهي آهي جنهن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين، انٽرنيٽ ووٽنگ ۽ بايوميٽرڪ شامل آهن، اهي ٽئي گڏ نه آهن، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت پنج ڪمپنيون اي وي ايم تيار ڪري رهيون آهن جيڪي اليڪشن ڪ??يشن جي شرطن تي پورو لهن ٿيون، هاڻي قيمت طئي ڪرڻ جو معاملو آهي، ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ڪ?? به مسئلو درپيش نه آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان ??والي سان قانوني شرطن جا ٻه حصا آهن، هڪ حصو اليڪشن ڪ??يشن کي اختيار ڏيڻ بابت آهي، قومي اسيمبلي مان ??ن ڏس ۾ بل منظور ٿي چڪو آهي جيڪو هاڻي سينيٽ ۾ آهي، سينيٽ جون ٻه ڪميٽيون ان ??ي ڪم ڪري رهيون آهن، سينيٽ جي پوليٽيڪل ڪميٽي مخالف ڌر ۽ حڪومت جي ميمبرن تي مشتمل آهي جنهن اهو بل بحث هيٺ آهي، جڏهن ته سنيٽ جي پارلياماني افيئرز جي باري ۾ ڪميٽي جي اندر به ان ??ل تي غور جاري آهي، جيڪڏهن سينيٽ ۾ ان ??ل تي وڌيڪ ترميمون آيون ته اهو ٻيهر قومي اسيمبلي ۾ ايندو ۽ قومي اسيمبلي ۾ ان ??ي ٻيهر ووٽنگ ٿيندي. هن چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ اتفاق راءِ ٿي ويو ته ان ??ي جلد عملدرآمد ٿي ويندو. ايندڙ چونڊون اي وي ايم تي ڪرائڻ بابت سوال تي هن چيو ته ايندڙ چونڊون اي وي ايم تي ڪرائڻ جي حوالي سان ڪ?? به مسئلو درپيش نه آهي، ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ڪ?? مڪمل ٿي چڪو آهي، اسان کي مشينون خريد ڪري استعمال ڪرڻيون آهن، مخالف ڌر ۽ حڪومت جي وچ ۾ اتفاق راءِ ٿي ويو ته ان ??ي اڳئين ڏينهن اي وي ايم جي خريداري شروع ڪري سگهجي ٿي ۽ ايندڙ چونڊون اي وي ايم تي ڪرائي سگهجن ٿيون.