اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ سميت ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۾ ملڪ جو 75 هون آزادي جو ڏهاڙو ڇنڇر ڏينهن 14 آگسٽ 2021ع تي ملي جوش ۽ جذبي سا?? ملهايو ويو، ايوان صدر ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب کانسواءِ سرڪاري ۽ نجي سطح تي تقريبون منعقد ڪيون ويون ۽ زندگي جي مختلف شعبن سا?? تعلق رکندڙ ماڻهن پاڪستان سا?? والهاڻي محبت جو اظهار ڪيو ۽ آزادي جي ت??ري?? جي عظيم هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪيو،
ڏينهن جو آغاز مسجدن ۽ گهرن ۾ ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائن ۽ وفاقي گادي واري ش??ر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سا?? ٿيو. مزار قائد ۽ مزار اقبال تي گارڊن جي تبديلي جون پروقار تقريبون به منعقد ٿيون، مرڪزي تقريب کان اڳ سائرن وڄايا ويا ۽ هر قسم جي ٽريفڪ روڪجي وئي، اهم سرڪاري ۽ نجي عمارتن کي بجلي جي بلبن سا?? سجايو ويو ۽ هر طرف سا??ن جهنڊن جي بهار ڏسڻ ۾ آئي ۽ فضا ملي نغمن جي ڌنن سا?? گونجڻ لڳي.
ڇنڇر ڏينهن پوري قوم ملڪ اندر ۽ ٻاهر آزادي جو ڏهاڙو ان عزم کي ورجائڻ سا?? ملهايو ته ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ اسلامي فلاحي ملڪ بڻائڻ لاءِ ت??ري?? پاڪستان جي جذبي کان ڪم ورتو ويندو. ڏينهن جو آغاز وفاقي گادي واري ش??ر ۾ 31 ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سا?? ٿيو. ان موقعي تي پاڪستان جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون ڪيون ويون، سمورين سرڪاري ۽ نجي عمارتن تي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا، جهنڊو ڦڙڪائڻ جي مرڪزي تقريب ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جهنڊو ڦڙڪائڻ جون اهڙيون ئي تقريبون سڄي ملڪ ۾ صوبائي، ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي به منعقد ڪيون ويون.
سرڪاري ۽ نجي عمارتن ۽ رستن، بازارن ۽ مارڪيٽن کي شاندار انداز ۾ سجايو ويو، آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي سلسلي ۾ قومي جهنڊا، جهنڊيون پاڪستان جي بانين ۽ ت??ري?? پاڪستان جي هيروز جون تصويرن ۽ بينر هر هنڌ لڳايون ويون. پاڪستان ٽيلي ويزن، ريڊيو پاڪستان ۽ ٻين ميڊيا جي ذريعن پاران ان ڏينهن جي موقعي تي ڊگهي وقت واري نشريات نشر/ٽيلي ڪاسٽ ڪيون ويون ۽ اخبارن ۾ خصوصي ايڊيشن شايع ٿيا جڏهن ته سوشل ميڊيا به آزادي جي ڏهاڙي جي پيغامن جي حوالي سا?? خصوصي بينرز سا?? متحرڪ رهيو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب کي خطاب دوران چيو ته الله تعاليٰ اسان جي قوم کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ بيهڻ جي صلاحيت سا?? نوازيو آهي، ڪوڙين خبرن کان بچي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، الله تعاليٰ جو لک ٿورو آهي جنهن هند جي مسلمانن کي مشڪلاتن مان ڪڍيو ۽ هڪ قوم جي طور تي آزاد ملڪ ۾ جيئڻ جو حق ڏنو.