ڪراچي – 28 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪول ۽ ڪاليج جي سطح تي نوجوان نسل ۾ اخلاقيات کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان ڏس ۾ والدين ۽ استادن جو ڪردار اهم آهي. هن اهڙن خيالن جو ا??ها?? سينٽ جوزف ڪانونٽ اسڪول ڪراچي جي وفد سان ??لا??ات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد جي قيادت اسڪول جي پر??سپل سينيئر الزبيٿ نيامت ڪئي. مشنري اسڪولن جي 1862ع کان خدمتن ۽ ڪاميابين کي ساراهيندي صدر چيو ته سينٽ جوزف ڪانونٽ اسڪول ڪراچي جي عمارت جنهن کي قومي ورثو قرار ڏنو ويو آهي، کي محفوظ ڪيو ويندو. صدر چيو ته ڪورونا وبا اسان جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي پر ان ڪجهه موقعا به پيدا ڪيا، ڇو ته ان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڪميونيڪشن جي جديد ٽولز کي استعمال ڪرڻ ??ي مجبور ڪيو جنهن سان تعليمي شعبي ۾ آن لائن ڪلاسن جي راهه هموار ٿي. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي ??اليج انتظاميا تي زور ڏنو ته اهي نوجوان ڇوڪرين ۾ بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي پر??گرام منعقد ڪن.