اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته قائداعظم مسلمانن جي لاءِ ٻه قومي نظريي جي بنياد تي جدوجهد ڪئي، باباءِ قوم جي ق??ادت ۾ پاڪستان خودمختيار رياست بڻجي اڀريو، ان تي پوري ق??م قائداعظم مح??د علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، مح??د علي جناح جي شخصيت هڪ اعليٰ ۽ مثالي ڪردار رکندڙ هئي، هن جمهوري ۽ انصاف تي ٻڌل اصولن کي اختيار ڪي??. قائداعظم مح??د علي جناح جي ورسيءَ تي پنهنجي پيغام ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته قائداعظم وڪالت ۽ سياست ۾ رهي پنهنجي دامن کي صاف سٿرو رکيو، هو مسلمانن جي نئين سر ذهني ت??مير ۾ روشني جو مينار بڻيل رهيو، هن ??نهنجي سياسي زندگي جي شروعات اعليٰ معيار ۽ ديانت سان ڪئي، پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي حڪمت عملي جوڙي جيڪا سدائين ٺوس ۽ مڪمل رهي. هن چيو ته باباءِ قوم جي لاڏاڻي جو ڏهاڙو اسان کي هڪ اهڙي عظيم ترين قائد جي ياد ڏياري ٿو جنهن ??نڍي کنڊ جي خوفزده ۽ مايوس مسلمانن کي هڪ نصب العين ڏنو هو، هن ??نزل حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ بي مثال قيادت فراهم ڪئي.