??سل??م آباد – 20 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ?? پاڻي جي بهتر انتظام جي لاءِ جامع حل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماحولياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آبادي جي ڪري في ڪس پاڻي جي دستيابي ۾ گهٽتائي آئي آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ?? پاڻي جي بهتر انتظام جي ح??الي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ آبي وسيلن وارو وفاقي وزير مونس الاهي ۽ آبي وسيلن وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز شرڪت ڪئي. اجلاس ?? پاڻي جي انتظام جي لاءِ سيٽلايئٽ ۽ مصنوعي ذهانت جي ح??الي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، صدر چيو ته ملڪ ?? پاڻي جي بهتر انتظام جي لاءِ جامع حل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماحولياتي تبديلي ۽ وڌندڙ آبادي جي ڪري في ڪس پاڻي جي دستيابي ۾ گهٽتائي آئي آهي، هن چيو ته پاڻي جي کوٽ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻي جي انتظام جي موثر نظام جي ضرورت آهي. ايئر يونيورسٽي ??سل??م آباد جي ڪوآرڊينيٽر پروفيسر ڊاڪٽر ڪاشف ڪفايت ملڪ ?? پاڻي جي مجموعي صورتحال جي ح??الي سان تفصيل?? بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ جهڙا مسئلا درپيش آهن، ٻوڏ ۽ ڏڪ??ر جي ڪري ملڪ کي ساليانو 12 ارب ڊالر جي ويجهو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي، اجلاس ?? پاڻي جي کوٽ ۽ ان جي بهتر انتظام جي ح??الي سان مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ?? پاڻي جو بهتر انتظام ۽ نگراني لاءِ سڀني لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.