اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پاڪستاني شهرين جي اڪثريت وزي??اع??م عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي تي يقين رکي ٿي، 62 سيڪڙو شهرين جو مڃڻ آهي ته وزي??اع??م عمران خان جي حڪومت تازي سياسي صورتحال تي ضابطو آڻي وٺندي جڏهن ته 80 سيڪڙو پاڪستاني ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته وزي??اع??م عمران خان جي حڪومت پنهنجو 5 سالا مدو مڪمل ڪندي ۽ ڪي مڊ ٽرم چونڊون نه ٿينديون. پلس (PULSE) ڪنسلٽنٽ وزي??اع??م عمران خان جي پهرين مارچ تي قوم کي خطاب ۽ ريليف جي قدمن، ملڪ جي تازي سياسي صورتحال ۽ مخالف ڌر پاران پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ جي حوا??ي سان عوامي راءِ معلوم ڪرڻ جي لاءِ سڄي ??لڪ ۾ سروي ڪئي جنهن ۾ 16 کان 55 سالن جي عمر جي ماڻهن کان سوال ۽ انٽرويوز ڪيا ويا جن ۾ ڳوٺاڻي ۽ شهري علائقن جي هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل هئا. سروي نتيجن موجب هر 10 مان 6 (62 سيڪڙو) ماڻهن ان يقين جو اظهار ڪيو ته وزي??اع??م عمران خان جي حڪومت تازي سياسي صورتحال تي ضابطو آڻي وٺندي جڏهن ته سروي ۾ شريڪ 10 مان رڳو 2 يعني (23 سيڪڙو) ماڻهن خدشو ظاهر ڪيو ته بي اعتمادي رٿ جي ڪري وزي??اع??م عمران خان جي حڪومت ختم ٿي سگهي ٿي ۽ 15 سيڪڙو ماڻهن ان تي ڪنهن ردعمل جو اظهار نه ڪيو. پلس ڪنسلٽنٽ پاران جاري سروي ۾ چيو ويو آهي ته 80 سيڪڙو پاڪستاني ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته وزي??اع??م عمران خان جي حڪومت پنهنجو 5 سالا مدو مڪمل ڪندي ۽ ڪي مڊ ٽرم چونڊون نه ٿينديون. سروي نتيجن موجب 13 سيڪڙو ماڻهو وچ مدي وارين چونڊن جي توقع رکن ٿا جڏهن ته سروي ۾ شامل 7 سيڪڙو ماڻهن ان ??ي پنهنجي راءِ جو اظهار نه ڪيو. قوم کي پهرين مارچ ??ي پنهنجي خطاب دوران وزي??اع??م عمران خان چيو ته سڄي دنيا ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي باوجود حڪومت ٽيڪس اوڳاڙين ۾ موثر ۽ ڀرپور اضافي جي نتيجي ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزي??اع??م جي ان فيصلي ۽ تقرير جي حوا??ي سان جڏهن عوامي راءِ ڄاڻڻ جي لاءِ سروي ۾ سوال ڪيو ويو ته سروي ۾ شريڪ 10 سيڪڙو ماڻهن ان سان مڪمل اتفاق ڪيو جڏهن ته 42 سيڪڙو جزوي متفق هئا. اهڙي طرح وزي??اع??م جي دعويٰ سان اتفاق ڪندڙن جي شرح 52 سيڪرو رهي آهي. وڌيڪ اهو ته 42 سيڪڙو ماڻهن وزي??اع??م جي دعويٰ سان عدم اتفاق ڪيو. وزي??اع??م عمران خان پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي جي قدم جي حوا??ي سان 8 سيڪڙو ان کي وڏو ريليف ۽ 41 سيڪڙو مناسب ريليف قرار ڏنو، اهڙي طرح پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي فيصلي تي مجموعي طور تي 49 سيڪڙو ماڻهن اطمينان جو اظهار ڪيو، 48 سيڪرو شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته ان سان ڪو وڌيڪ اثر نه پوندو جڏهن ته 3 سيڪڙو ڪا راءِ نه ڏني. بجلي جي في يونٽ ۾ 5 رپين جي گهٽتائي جي حوا??ي سان پڻ سروي ۾ شرڪت ڪندڙن گڏيل سڏيل ردعمل جو اظهار ڪيو. سروي نتيجن موجب 9 سيڪڙو ان کي هڪ وڏو ريليف ۽ 42 سيڪڙو بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي کي مناسب ريليف قرار ڏنو. اهڙي طرح بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي فيصلي تي اطمينان ۽ ريليف جو اظهار ڪندڙن جي مجموعي شرح 51 سيڪڙو رهي آهي جڏهن ته 47 سيڪڙو چيو ته اهو ڪو ايترو وڏو ريليف نه آهي. احساس مالي معاونت جي پروگرام ۾ 2 هزار جي اضافي سان مالي معاونت 14 هزار رپيا ڪرڻ بابت سروي جي 63 سيڪڙو شرڪت ڪندڙن اطمينان جو اظهار ڪيو جن ۾ 32 سيڪڙو مڪمل ۽ 31 سيڪڙو جزوي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف 32 سيڪڙو ماڻهن ان اضافي سان مڪمل عدم اتفاق ڪيو ۽ 5 سيڪڙو ڪنهن راءِ جو اظهار نه ڪيو. پنجاب صوبي ۾ صحت انصاف ڪارڊ ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي جي حوا??ي سان سوال تي سروي نتيجن موجب پنجاب جا 66 سيڪڙو ماڻهو ڀرپور مطمئن آهن جڏهن ته 29 سيڪڙو عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ 6 سيڪڙو شرڪت ڪندڙن ڪنهن راءِ جو اظهار نه ڪيو.