اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته شب برات عظيم ۽ فضيلت واري رات آهي?? ان رات الله تعاليٰ پنهنجي بندن تي رحمت ۽ بخشش جا دروازا کوليندو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب شب برات جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته شبِ برات جي مقدس رات جي موقعي تي پاڪستاني قوم دهشتگردي جي خلاف وڙهندڙ جوانن کي پنهنجي دعائن ۾ ضرور ياد رکي، هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان تي رحمتن ۽ برڪتن جو سايو سدائين برقرار رکي ۽ ا??له پاڪستان جي حفاظت ڪري ۽ ا??ندڙ سال ۾ ملڪ کي مصي??تن ۽ مسئلن کان محفوظ ??کي.