اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف جون اسرائيلي سفارتڪار سان ملاقاتون رڪارڊ تي آهن، اهڙا ماڻهو جڏهن ٻاهرئين ملڪ هليا ويندا آهن ته اهي انٽرنيشنل اسٽيبلشمينٽ جو آله ڪار بڻجي ويندا آهن، انهي لاءِ نواز شريف کي ٻاهر موڪلڻ جي مخالفت ڪئي هئي، عمران خان دلير ??اڻهو آهي، هو ماڻهن جي ??امهون شيون رکندو آهي، عوام کي گڏ کڻي هلندو آهي، سياسي پارٽي جي ??يثيت سان اسان جو ڪم آهي ته ماڻهن جي ??امهون حق ۽ سچ رکيو وڃي، فيصلو پاڪستان جي ??وام ۽ چونڊيل نمائندن کي ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اطهار هن وفاقي وزير اسد عمر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم چيف جسٽس کي پاڪستان جي وڏي هجڻ جي ??يثيت سان خط ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو آهي، خط ڏيکارڻ جو مقصد اهو آهي ته چيف جسٽس صاحب کي خط سان جڙيل معاملن جو پتو پئجي ??گ??ي. ??ن چيو ته پاڪستان جي ??اريخ اسان جي ??امهون آهي، لياقت علي خان شهيد ٿيو، ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي، جنرل ضياءُ الحق جو جهاز تباهه ٿيو، هن خط جي ??ريعي انهن نتيجن کان آگاهه ڪيو ويو ته سياست عمران خان کي ڪيڏانهن وٺي ويندي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان دلير ??اڻهو آهي، هو ماڻهن جي ??امهون شيون رکندو آهي، عوام کي گڏ کڻي هلندو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ اهڙو اڳواڻ موجود آهي جيڪو ٻاهر وارن جون ڪالون ناهي کڻندو، هي اهو اڳواڻ آهي جيڪو عوام سان جڙيل آ??ي. ??ن چيو ته سياسي پارٽي جي ??يثيت سان اسان جو ڪم آهي ته ماڻهن جي ??امهون حق ۽ سچ رکيو وڃي، فيصلو پاڪستان جي ماڻهن ۽ چونڊيل نمائندن کي ڪرڻو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم جي مقبوليت جي ڪري ٻاهريان عنصر خوفزده آهن، اهو خط بي اعتمادي رٿ اچڻ کان اڳ جو آهي، هن خط ۾ بي اعتمادي رٿ جون ڳالهيون به شامل آهن، مخالف ڌر جا ماڻهو اڻڄاڻائي جي ڪري ان سازش جو حصو آهن. هن چيو ته مون انهي لاءِ چيو هو ته نواز شريف کي ٻاهر نه وڃڻ ڏنو وڃي، اهڙا ماڻهو جڏهن ٻاهر هليا وڃن ٿا ته اهي انٽرنيشنل اسٽيبلشمينٽ جو آله ڪار بڻجي ويندا آهن، نواز شريف جون اسرائيلي سفارتڪار سان ملاقاتون رڪارڊ تي آهن، هن چيو ته ميڊيا جي ٻن ٽن نام نهاد وي لاگرز خط لهرايو، انهن نام نهاد سينئر وي لاگرز جي ٽي وي تي به ريٽنگ نه آهي، اهي پنهنجي وي لاگ تي ئي لڳل هوندا آهن?? کين ڪالهه به چيو هو ته اهي نوجوان رپورٽرز کان تربيت وٺن ته خبر جي ??صديق ڪهڙي طرح ڪئي ويندي آهي، هڪ خط يورپي يونين جو لهرايو پيو وڃي جيڪو اڳ ۾ ئي پبلڪ آهي، هڪ صحافي جعلي خط به شيئر ڪري ڇڏيو، هن چيو ته جنهن خط جو ذڪر ڪيو پيو وڃي اهو ميڊيا وٽ نه آهي، جيڪي ماڻهو ٻين خطن کي ان خط جو چئي پيش ڪري رهيا آهن اهي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن.