اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان مل??قا?? تمام گهڻي سٺي رهي، اسان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن کي نئي ۽ بلند ترين سطح تي وٺي وڃڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪ??و. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون سندس بصيرت انگيز قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سعودي عرب پاران سدائين پاڪستان سان گڏ بيهڻ ۽ سعودي عرب جي دوري دوران والهاڻي استقبال تي ان ج?? ٿورو ادا ڪيو. شهباز شريف چيو ته اسان سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ نون رستن ?? طريقن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.