اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شر??ف پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي تعاون کي ساراهيندي زراعت، پيشيواراڻي تربيت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظ??ار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شر??ف سان ورلڊ بئنڪ ڏکڻ ايشيا ريجن جي نائب صدر مسٽر هارٽ وگ شيفر ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شر??ف نائب صدر جي آجيان ڪندي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ڌرين جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن خاص طور تي زراعت، پيشيواراڻي تربيت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظ??ار ڪيو. ڌرين ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي پڻ ا??فا?? ڪيو.