اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي پيرڪوهه ڊيره ب??ٽي ۾ حڪومت جي وقت سر قدمن جي ڪري هيضي جي وب?? تي ضابطو آندو ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب 3615 متاثرين جي مڪمل صحتيابي کانپوءِ اسپتال ۾ علاج هيٺ مريضن جو انگ 3 رهجي ويو. پيرڪوهه ڊيره ب??ٽي ۾ گذريل ڏينهن هيضي جي وب?? پکڙجڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جي خاص هدايتن تي وب?? تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ انتظام ڪيا ويا، ان ڏس ۾ وزيراعظم کي بلوچستان حڪومت پاران حتمي ??پو??ٽ پيش ڪئي وئي. ??پو??ٽ موجب پيرڪوهه ڊيره ب??ٽي ۾ هيضي جي وب?? جو ڦهلاءُ پٿر نالي جي قدرتي چشمي مان پاڻي جي استعمال سان ٿيو. وزيراعظم جي هدايت کانپوءِ پاڻي جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ انتظام ڪيا ويا جڏهن ته ان جي ڪلورينشن کانپوءِ ان کي پيئڻ کانسواءِ استعمال جي لاءِ کوليو ويو آهي. ??پو??ٽ موجب وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ صوبائي حڪومت پاران فوري طور تي دوائن جي فراهمي لاءِ فنڊز فراهم ڪيا ويا، پيرڪوهه ۾ هنگامي بنيادن تي ٻه ميڊيڪل ڪئمپس ۽ بي ايڇ يو پيرڪوهه کي 20 بسترن تي ٻڌل اسپتال ٺاهڻ سا?? گڏوگڏ ڪوئيٽا مان 24 ڊاڪٽرن ۽ 32 پيراميڊيڪل اسٽاف جي عملي کي پيرڪوهه مقرر ڪيو ويو. ??پو??ٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پيرڪوهه ۽ ڊيره ب??ٽي ۾ ليبارٽريون قائم ڪيون ويون ان کانسواءِ مقامي انتظاميا جي موجودگي کي يقيني بڻائڻ سا?? گڏوگڏ گهر گهر آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٽيمن جي جوڙجڪ ڪئي وئي آهي. ??پو??ٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وب?? تي ضابطو آڻڻ ۽ آپريشن جي نگراني جي لاءِ منشيات جي خاتمي وارو وزير نوابزاده شاهه ب??ٽي، چيف سيڪريٽري بلوچستان، صوبائي هيلٿ سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار موقعي تي موجود رهيا، صحت جي عالمي اداري جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پليٿا پڻ ڊيره ب??ٽي جو دورو ڪيو. ??پو??ٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ فوري طور تي هڪ ڪروڙ رپين جي فراهمي ۽ پي ڊي ايم اي پاران 4000 گيلنز صاف پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ ٽينڪس فراهم ڪيا ويا. وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي پيرڪوهه زينڪوهه ۾ واٽر سپلاءِ جي اسڪيمن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. متاثر ماڻهن کي فوري طور تي طبي امداد سا?? گڏوگڏ صاف پاڻي ۽ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون ويون. ??پو??ٽ موجب ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران وب?? تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هڪ ايمبولينس، دوائون، هڪ 12 بسترن تي ٻڌل اسپتال فراهم ڪئي وئي آهي. ??پو??ٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچاءُ جي لاءِ گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي مڪمل ڪئي وئي آهي.