اسلام آباد – 30 – مئي (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 31 مئي کان 2 جون تائين ترڪي جو دورو ڪن??و، اهو دورو پاڪستان جي ??وايتي بااعتماد دوستن ۽ ڀائر ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن ??ي تجديد جي ??لسلي جي ڪڙي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ کانسواءِ سيِڙپڪاري، واپار، صحت، تعليم، ثقافت ۽ گڏيل مفادن جي ٻين شعبن ۾ تعاون جي ??والي سان به نهايت اهم آهي، هن چيو ته پاڪ ترڪي بزنس ڪائونسل جو اجلاس، ترڪ سيڙپڪارن ۽ واپارين سان ملاقاتون ٿينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم دوري دوران مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي حاضري ڏيندو، ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان وزيراعظم ترڪي ۽ پاڪستان جي ??فارتي لاڳاپن جي قيام جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي يادگيري نشان جاري ڪن??و. صدر اردوان وزيراعظم جي ??عزاز ۾ آجياڻو به ڏيندو.