اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪشمير، گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ??يو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ح??ومتن جي خواهشن موجب هلندڙ مالي سال جي آخري ٽه ماهي جي بجيٽ فراهم ڪئي پئي وڃي، عمران خان حڪومت آءِ ايم ايف معاهدي ۾ پيٽروليم تي ليوي لڳائڻ جي ڳالهه مڃي، اسان اها شرط تسليم نه ڪئي، ڀارت جا سمورا حربا ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي حوصلن کي نه ٿا ٽوڙي سگهن. هو من??وب??بندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال سان گڏ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. وزيراعظم جي صلاحڪار قمر زمان ڪائره ??يو ته گذريل ٽن ڏينهن کان و??لا??يل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ح??ومت جو ڏاڍ ۽ بربريت زورن تي آهي، ڀارت پاران 12 شهرين کي شهيد ڪندي تشدد جي نئين لهر مڙهي پئي وڃي. هن ??يو ته وفاقي ڪابينا اجلاس کانپوءِ هڪ ٻيو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ من??وب??بندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل سميت ٻيا عملدار شريڪ ٿيا. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آءِ جون حڪومتون آهن ۽ هڪ تاثر ڏنو ويو ته وفاقي ح??ومت پاران بجيٽ گهٽ ڪئي پئي وڃي، اهو معاملو وزيراعظم شهباز شريف جي علم ۾ آندو ويو ته هن ان تي نوٽيس ورتو. هن ??يو ته هن وقت ملڪ ۾ هونئن ئي معاشي بحران آهي، هلندڙ مالي سال جي آخري ٽه ماهي ۾ ڪنهن صوبي کي ترقياتي بجيٽ جاري ناهي ٿي سگهي پر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. هن ??يو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي من??وب??بندي، ترقي واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي بجيٽ کي خواهشن جي موجب بڻايو آهي، پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي ٻنهي ح??ومتن جي درخواست تي نه پر اسان پاڻ ئي فوري اجلاس گهرايو ۽ انهن کي گهرايو، اڄ انهن جي اطمينان موجب معاملو حل ٿيو آهي. هن ??يو ته وفاق سمورن صوبن جي برابر ترقي جو خواهشمند آهي. هن ??يو ته آءِ ايم ايف جون ڪيتريون شرطون مڃي رهيا آهيون اهو به قوم کي ٻڌائڻ ضروري آهي، عمران خان آءِ ايم ايف سان پيٽروليم ليوي لڳائڻ جي ڳالهه مڃي پر اسان ان شرط کي نه مڃيو، مشڪل فيصلا ڪندڙ حڪومت ايتري ئي جرئت سان اميرن جي سموري ڪلاسز تي اضافي ٽيڪس لڳائي رهي آهي، اسان جو اهو ئي مقصد آهي ته پاڪستان ۾ امير ۽ غريب ۾ جيڪو فاصلو وڌندو پيو وڃي ان کي گهٽ ڪيو وڃي، غريبن کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻندا رهنداسين.