اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) پا??يدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قائم پا??لياماني ٽاسڪ فورس جي چيئرپرسن رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته ايشيا پيسفڪ ملڪ مسئلن جي حل لاءِ گڏجي حڪمت عملي جوڙين ڇو ته هي سفر هڪ ٻن ڏينهن جو نه آهي پر هڪ مسلسل جدوجهد آهي، اڄ پاڪستان مت??ثر ٿيو آهي سڀاڻي ڪو به ملڪ مت??ثر ٿي سگهي ٿو. آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن جي ٽئين سيمينار جي پڄاڻي سيشن ۾ مختلف ميمبر ملڪن پا??ان سيمينار کي ڪارائتو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. ان موقعي تي ايران پا??ان ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته اسان کي سيمينار کي نتي??ا خيز بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو نه ته سموريون ڪوششون ضايع ثابت ٿينديون. ويتنام جي نمائندي جو چوڻ هو ته پاڪستان کي ٻوڏ جون تباهيون درپيش آهن اسان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. پاڪستان جي ٻوڏ مت??ثرين جي عالمي سطح تي مدد ڪرڻ گهرجي. نيپال تجويز ڏني ته سمورن ايشيائي ملڪن کي هڪ جهڙا مسئلا درپيش آهن ان لاء?? اسان سڀني کي هڪ گڏيل پا??لياماني مڪينزم جوڙي انهن مسئلن مان نڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. سيمينار جو پڄاڻي سيشن اڄ اربع ڏينهن پا??ليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو.