اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اسلامي ترقياتي ??ئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجيسر ۽ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحهٰ افغانستان جي لاءِ هيومينيٽرين چارٽر تي ??حيح کي خوش آئنده قرار ڏيندي چي?? ته افغانين جي انساني بنياد تي ??مداد وقت جي ضرورت آهي، فنڊ جو مقصد افغان عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ آهي، ن??جو??نن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون، سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ انساني همدردي جي بنياد تي ٽرسٽ فنڊ جي چارٽر تي ??حيح جي تقريب کي خطاب ڪندي اسلامي ترقياتي ??ئنڪ جي صدر چي?? ته فنڊ جي قيام جو مقصد افغان عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ، فوڊ سيڪيورٽي ۽ تعليم خاص طور تي ??ورتن جي تعليم کي فروغ ڏيڻ آهي، هن چي?? ته اسان کي افغانستان ۾ عورتن جي تعليم ۽ بجلي جي فراهمي جي معاملن تي ڌياڻ ڏيڻ گهرجي، او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحه چي?? ته اسلامي ملڪن جي تنظيم افغان عوام جي مدد لاءِ قدم کڻندي. هن چي?? ته افغانستان ۾ حڪومت جي تبديلي کانپوءِ افغان عوام کي مشڪل صورتحال درپيش آهي. هن چي?? ته اسان افغان عوام کي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اسان جو مقصد افغان عوام جي مدد ڪرڻ آهي، هن اسلامي ملڪن ۽ ٻين عالمي تنظيمن کي درخواست ڪئي ته هو افغان ٽرسٽ فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهن.